13 سڀڪا شيءِ جيڪا ڦٽڪار ھيٺ اچي ٿي سا روشنيءَ جي ڪري پڌري ٿيو پوي.
14 ڇالاءِجو اھا روشني ئي آھي، جيڪا ھر شيءِ کي روشن ڪري ٿي ڏيکاري. تنھنڪري چيو ويو آھي تہ”اي ستل! جاڳي پئُہ،مئلن منجھان جي اُٿ،تہ مسيح تو تي نور چمڪائيندو.“
15 تنھنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا ھلو. نادانن وانگر نہ، پر دانائن وانگر زندگي گذاريو.
16 وقت جو پورو پورو فائدو وٺو، ڇالاءِجو زمانو خراب آھي.
17 تنھنڪري بيوقوف نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند جي مرضي ڪھڙي آھي.
18 مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انھيءَ سان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي. پر اٽلندو پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.
19 اوھين پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو ۽ پنھنجي دل سان خداوند جي ساراھہ ۾ ڳايو وڄايو.