25 پر آءٌ اھو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوھان ڏانھن موڪليان، جيڪو منھنجو مسيحي ڀاءُ، ھمخدمت ۽ ھمسپاھہ آھي. ھي اوھان جو قاصد بہ آھي، جنھن کي اوھان منھنجين ضرورتن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ مون ڏانھن موڪليو ھو.
26 ھن کي اوھان سڀني جي ڏاڍي سڪ آھي ۽ بيقرار ٿو رھي، ڇالاءِجو اوھان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو ھو.
27 سچپچ ھو بيمار ھو ۽ مرڻ تي ھو. پر خدا مٿس رحم ڪيو، نہ رڳو ھن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين.
28 تنھنڪري کيس موڪلڻ جو مون کي اڃا بہ وڌيڪ شوق ٿيو، تہ جيئن اوھين کيس وري ڏسي خوش ٿيو ۽ منھنجو فڪر بہ گھٽجي وڃي.
29 سو خداوند جا ھئڻ ڪري کيس ڀاءُ سمجھي وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ اھڙن شخصن کي عزت ڏيندا رھجو.
30 ڇاڪاڻتہ ھو مسيح جي ڪم خاطر مرڻ تي ھو ۽ پنھنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي خدمت ۾ اوھان جي طرفان جيڪا گھٽتائي ھئي سا پوري ڪري.