11 اوھين معلوم ڪري سگھو ٿا تہ ٻارھن ڏينھن بہ مس گذريا ھوندا جو آءٌ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھوس.
12 ھنن مون کي نہ ھيڪل ۾ ڪنھن سان بحث ڪندي ڏٺو آھي ۽ نڪي پنھنجن عبادتخانن ۽ شھر ۾ فساد مچائيندي ڏٺو اٿن.
13 ھو وري جن ڳالھين جي مون تي تھمت ٿا ھڻن، تن جي ڪا ثابتي بہ ڏيئي نہ ٿا سگھن.
14 آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ پنھنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت انھيءَ طريقي موجب ڪريان ٿو جنھن کي ھي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن ۾ لکيل سڀني ڳالھين تي ايمان آڻيان ٿو.
15 مون کي خدا ۾ اھڙي ئي اميد آھي جا خود انھن کي بہ آھي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو.
16 تنھنڪري آءٌ ھميشہ اھا ڪوشش ڪندو رھندو آھيان تہ منھنجي دل خدا ۽ ماڻھن ڏانھن صاف رھي.
17 آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ ويس تہ وڃي پنھنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان.