8 جيڪڏھن اھو موت وارو عھد ايترو جلوي وارو ھو، تہ پوءِ پاڪ روح جو عھد ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو!
9 جيڪڏھن اھو عھد جيڪو ڏوھاري ٿو بڻائي سو ايڏي جلوي وارو آھي، تہ پوءِ جنھن عھد جي ڪري ماڻھو سچار ٿو بڻجي سو تہ ضرور انھيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو.
10 ڇالاءِجو حقيقت ڪري جيڪو اڳ جلوي وارو ھو، سو ھن ٻئي تمام وڌيڪ جلوي واري جي ڀيٽ ۾ ڄڻ تہ بيجلوي ٿي پيو.
11 سو جيڪڏھن اھا فنا ٿيندڙ شيءِ جلوي واري ھئي تہ ھي بقا واري شيءِ ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي واري ھوندي!
12 تنھنڪري اسين اھڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان ڳالھايون ٿا.
13 اسين موسيٰ وانگر نہ آھيون، جنھن پنھنجي منھن تي پردو وڌو تہ متان بني اسرائيل جلوي کي گھٽجندي ۽ فنا ٿيندي ڏسن.
14 پر ھنن جون دليون موڳيون ٿي ويون، ڇوتہ اڄ ڏينھن تائين پراڻي عھدنامي جي پڙھڻ وقت اھو ساڳيو پردو رھي ٿو. اھو پردو انھن تان ايستائين نہ ٿو کڄي، جيستائين اھي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي نہ ٿا وڃن.