16 خدا جو شڪر آھي، جيڪو طيطس جي دل ۾ اوھان لاءِ مون جھڙي سرگرمي پيدا ڪري ٿو.
17 ڇالاءِجو ھن نہ رڳو اسان جي ھدايت کي مڃيو پر ڏاڍي سرگرميءَ ۽ پنھنجي خوشيءَ سان اوھان ڏانھن اچي رھيو آھي.
18 ھن سان گڏ اسان انھيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنھن جي تعريف خوشخبري ڦھلائڻ جي ڪري سڀني ڪليسيائن ۾ ٿيندي آھي.
19 نہ رڳو ايترو پر ڪليسيائن ھن نذراني کي پھچائڻ جي لاءِ کيس اسان سان گڏ سفر ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو ھو. اسين ھيءَ خدمت انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انھيءَ منجھان اسان جو شوق ظاھر ٿئي ۽ خدا جي واکاڻ ٿئي.
20 اسين اھا خبرداري ٿا ڪريون تہ متان اسان کي انھيءَ وڏيءَ بخشش جي خدمت جي باري ۾ ڪوبہ ماڻھو الزام ڏئي.
21 ڇالاءِجو اسان جو مقصد ھي آھي تہ اسين اھي ڳالھيون ڪريون، جيڪي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ پر ماڻھن جي نظر ۾ بہ چڱيون ھجن.
22 اسين انھن سان گڏ پنھنجي ھڪڙي ٻئي ڀاءُ کي موڪليون ٿا. ھن کي ڪيترائي ڀيرا اسان گھڻين ڳالھين ۾ آزمائي سرگرم ڏٺو آھي. ھاڻي تہ ھو وڌيڪ سرگرم آھي، ڇاڪاڻتہ کيس اوھان تي وڏو ڀروسو آھي.