12 انھيءَ وقت اوھين مسيح کان ڌار ۽ بني اسرائيل جي جماعت کان ٻاھر ھئا. اوھين خدا جي واعدي ڪيل عھدن کان اڻواقف، دنيا ۾ نااميد ۽ خدا کان جدا زندگي گذاريندا ھئا.
13 پر اوھين جيڪي پھريائين گھڻو پري ھئا سي ھاڻي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري سندس رت جي وسيلي ويجھو ٿي پيا آھيو.
14 ڇالاءِجو مسيح ئي اسان جو صلح آھي، جنھن يھودين ۽ غير يھودين ٻنھي کي ھڪ ڪري ڇڏيو. ھن جدائيءَ جي ڀت جيڪا وچ ۾ ھئي سا ڊاھي ڇڏي، جنھن ٻنھي کي ھڪ ٻئي جو دشمن بڻائي ڇڏيو ھو.
15 سو ھن اھا دشمني جيڪا شريعت جي حڪمن وارن قانونن ۾ ھئي سا پنھنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏي، تہ جيئن کين پاڻ سان ملائي ٻنھي مان ھڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي.
16 مسيح پنھنجي صليبي موت جي وسيلي انھن جي دشمني ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻنھي کي ھڪڙو بدن ڪري خدا سان ملائي ڇڏيائين.
17 سو مسيح آيو ۽ اوھين جيڪي پري ھئا ۽ اھي جيڪي ويجھا ھئا، ٻنھي کي صلح جي خوشخبري ٻڌايائين.
18 ڇالاءِجو مسيح جي وسيلي اسان ٻنھي يعني يھودين ۽ غير يھودين کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي ڪري پيءُ تائين پھچ حاصل ٿي آھي.