1 اي ٻارؤ! خداوند جا ھئڻ ڪري پنھنجي ماءُپيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇوتہ ائين ڪرڻ واجب آھي.
2 ھي پھريون حڪم آھي جنھن سان واعدو شامل آھي تہ”پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو،
3 تہ جيئن توھان جو ڀلو ٿئي،۽ انھيءَ ملڪ ۾ اوھين وڏي عرصي تائين رھو.“
4 اي پيئرؤ! اوھين پنھنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين اھڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند کي پسند ھجي.