14 پر ھر ماڻھو پنھنجين ئي برين خواھشن سان ڇڪجي ۽ لالچجي آزمائش ۾ پوي ٿو.
15 تنھن کان پوءِ اھا بري خواھش ڍُڪي ٿي ڪري گناھہ کي ٿي ڄڻي ۽ گناھہ جڏھن وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏھن موت پيدا ٿو ڪري.
16 اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! دوکو نہ کائو.
17 ھر چڱي بخشش ۽ ھر ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني انھيءَ خدا پيءُ وٽان ھيٺ ٿو لھي، جيڪو آسماني روشنين جو پيدا ڪندڙ آھي. ھو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.
18 ھن پنھنجي ارادي سان اسان کي سچ جي ڪلام جي وسيلي پيدا ڪيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين سندس ساري مخلوقات ۾ اول درجو حاصل ڪريون.
19 اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھا ڳالھہ ياد رکو تہ ھر ھڪ ماڻھو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالھائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي.
20 ڇالاءِجو ماڻھوءَ جي ڪاوڙ مان اھڙا ڪم ٿي نہ ٿا سگھن جيڪي خدا جي سچائيءَ موجب آھن.