11 ھن ڪري جو جنھن چيو آھي تہ ”زنا نہ ڪر،“ تنھن ھيئن بہ چيو آھي تہ ”خون نہ ڪر.“ سو جيڪڏھن تون زنا نہ ڪرين پر خون ڪرين تہ تون شريعت جو ڏوھاري ٿي چڪين.
12 اوھان جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ ھلت چلت انھن ماڻھن وانگر ھجي، جن جو آزادي ڏيندڙ شريعت جي وسيلي انصاف ٿيڻو آھي.
13 ڇالاءِجو جنھن پاڻ رحم نہ ڪيو آھي، تنھن جو انصاف بيرحميءَ سان ٿيندو. پر رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.
14 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي ٿو تہ ”مون کي ايمان آھي،“ پر ھن کي عمل نہ ھجي، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ڇا اھڙو ايمان ھن کي بچائي ٿو سگھي؟
15 فرض ڪريو تہ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ لڱين اگھاڙو آھي ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آھي.
16 ھاڻي جيڪڏھن اوھان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃ، گرم ۽ ڍاول رھہ،“ پر کيس اھي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس جسم لاءِ ضروري آھن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟
17 ساڳيءَ طرح ايمان جيڪڏھن عمل کان سواءِ آھي تہ اھو پنھنجو پاڻ ئي مئل آھي.