3 جڏھن اوھين گھرو ٿا تڏھن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇوتہ اوھين بري نيت سان ٿا گھرو، انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.
4 اي بيوفا انسانو! ڇا اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آھي؟ تنھنڪري جيڪو ماڻھو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي.
5 ڇا اوھين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آھي تہ ”جيڪو پاڪ روح ھن اسان ۾ رھڻ لاءِ وڌو، سو سخت غيرتمند آھي؟“
6 پر خدا اسان کي وڌيڪ فضل ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري،پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“
7 تنھنڪري پاڻ کي خدا جي تابع رکو. شيطان جو مقابلو ڪريو تہ ھو اوھان وٽان ڀڄي ويندو.
8 خدا جي ويجھو وڃو تہ ھو اوھان جي ويجھو ايندو. اي گنھگارو! پنھنجا ھٿ ڌوئو. اي ٻہدليؤ! پنھنجين دلين کي پاڪ ڪريو.
9 افسوس ڪريو، سوڳ ڪريو ۽ روئو. اوھين پنھنجو کلڻ روئڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾.