16 تنھنڪري پنھنجا گناھہ ھڪ ٻئي اڳيان باسيو ۽ ھڪ ٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇالاءِجو سچار ماڻھوءَ جي دعا نھايت اثر واري ٿئي ٿي.
17 الياس نبي بہ اسان جھڙي طبيعت جو ماڻھو ھو. ھن دلوجان سان دعا گھري تہ مينھن نہ وسي، پوءِ ساڍن ٽن سالن تائين زمين تي مينھن نہ پيو.
18 وري جڏھن ھن دعا گھري تڏھن آسمان مان مينھن پيو ۽ زمين پنھنجا فصل اپايا.
19 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن اوھان مان ڪو حق کان گمراھہ ٿي وڃي ۽ ٻيو جيڪو انھيءَ کي ڦيرائي راھہ تي آڻي،
20 تڏھن اوھين ڄاڻي ڇڏيو تہ اھو جيڪو ڪنھن گنھگار کي گمراھيءَ کان ڦيرائي راھہ تي ٿو آڻي، سو انھيءَ جي روح کي موت کان بچائيندو ۽ گھڻا گناھہ ڍڪي ڇڏيندس.