1 ڪنھن وڏيءَ عمر واري ماڻھوءَ کي سختيءَ سان ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انھيءَ کي پيءُ وانگر سمجھي ساڻس سلوڪ ڪر. نوجوانن سان ڀائرن وانگر ھل.
2 وڏيءَ عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر سمجھہ ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي ساڻن پوريءَ پاڪيزگيءَ سان پيش اچ.
3 انھن رننزالن جو پورو قدر ڪر، جيڪي سچپچ نڌڻڪيون آھن.
4 پر جيڪڏھن ڪنھن رنزال کي ڌيئر پٽ، يا انھن جا ٻار ھجن تہ اھي سڀ کان پھريائين پنھنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري ھلت ڪرڻ ۽ پنھنجي ماءُپيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇالاءِجو خدا کي اھو پسند آھي.
5 اھا رنزال جيڪا سچپچ رنزال ۽ بلڪل اڪيلي آھي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينھن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رھي.