14 تنھنڪري آءٌ جوان رننزالن کي صلاح ٿو ڏيان تہ ڀلي شادي ڪن، ٻار ڄڻين، پنھنجا گھر سنڀالين ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.
15 ڇالاءِجو ھن کان اڳ ئي ڪي رنونزالون گمراھہ ٿي ڪري شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آھن.
16 جيڪڏھن ڪنھن ايمان واري عورت جي گھراڻي ۾ رنونزالون ھجن، تہ اھا ئي سندن پرگھور لھي ۽ ڪليسيا تي انھن جو بار پوڻ نہ کپي، انھيءَ لاءِ تہ ڪليسيا انھن رننزالن جي مدد ڪري سگھي جيڪي نڌڻڪيون آھن.
17 جيڪي بزرگ ڪليسيا جو انتظام چڱيءَ طرح ٿا ھلائين، خاص ڪري اھي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھڻ گھرجن.
18 ڇالاءِجو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ”جڏھن ڪو ڍڳو ڳاھہ ۾ وھي، تڏھن ان جو ٻوٿ نہ ٻڌ.“ ۽”مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي.“
19 ڪنھن بزرگ تي ڪا تھمت اچي تہ اھا ٻن يا ٽن شاھدن کان سواءِ نہ ٻڌ.
20 جيڪي گناھہ ڪندا ٿا رھن، تن کي سڀني ماڻھن جي اڳيان ملامت ڪر تہ جيئن ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.