18 ان وقت اسين ھن سان گڏ پاڪ جبل تي ھئاسون ۽ اسان پاڻ اھو آواز آسمان مان ايندي ٻڌو.
19 اھڙيءَ طرح اسان وٽ جيڪو نبين جو ڪلام آھي، سو وڌيڪ اعتقاد جوڳو آھي. اوھين چڱو ٿا ڪريو جو انھيءَ تي ڌيان ٿا ڏيو، ڇالاءِجو اھو ھڪ ڏيئي وانگر آھي جيڪو اونداھيءَ جاءِ ۾ تيستائين روشني پيو ڪري، جيستائين پرھہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو اوھان جي دلين ۾ چمڪي.
20 سڀني ڳالھين کان پھريائين ھي ڄاڻي ڇڏيو تہ پاڪ ڪتاب ۾ نبين جي ڪابہ ڳالھہ ڪنھن جي بہ ذاتي مطلب سان نہ ٿي ٿئي،
21 ڇالاءِجو نبين جي ڪابہ ڳالھہ ڪڏھن بہ انسان جي پنھنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ ماڻھو پاڪ روح جي رھنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالھائيندا ھئا.