6 پنھنجي علم سان پرھيزگاري، پرھيزگاريءَ سان صبر ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو.
7 اوھين دينداريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان محبت وڌايو.
8 ڇالاءِجو جيڪڏھن اھي خوبيون اوھان ۾ موجود ھونديون ۽ وڌنديون رھنديون، تہ اھي اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بيڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.
9 پر جنھن ماڻھوءَ ۾ اھي خوبيون نہ آھن، سو ڪوتاھہ نظر بلڪ انڌو آھي. ھو پنھنجن اڳوڻن گناھن جي ڌوپي صاف ٿيڻ واري ڳالھہ کي وساري ويٺو آھي.
10 تنھنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنھنجي ڪوٺ ۽ چونڊ کي يقيني بنائڻ لاءِ زيادہ ڪوشش ڪريو، ڇالاءِجو جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ ڪڏھن بہ ٿاٻو نہ کائيندا.
11 اھڙيءَ طرح اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاھت ۾ پوريءَ طرح داخل ڪيا ويندا.
12 تنھنڪري آءٌ اوھان کي اھي ڳالھيون ھميشہ ياد ڏياريندو رھندس، جيتوڻيڪ اوھان کي انھن جي خبر آھي ۽ انھيءَ سچائيءَ تي مضبوطيءَ سان قائم آھيو، جيڪا اوھان کي مليل آھي.