5 پر ھيءَ ڳالھہ انھن ڄاڻيٻجھي وساري ڇڏي آھي تہ خدا جي حڪم سان پراڻي زماني کان آسمان موجود آھن ۽ زمين پاڻيءَ منجھان ٺھي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ آھي.
6 پاڻيءَ جي وسيلي انھيءَ زماني جي دنيا پاڻيءَ ۾ ٻڏي چٽ ٿي ويئي.
7 انھيءَ ساڳئي حڪم جي وسيلي موجودہ آسمان ۽ زمين انھيءَ لاءِ بچائي رکيا ويا آھن تہ ساڙيا وڃن. اھي عدالت جي ڏينھن تائين موجود رھندا، جنھن ڏينھن بدڪار ماڻھن کي ناس ڪيو ويندو.
8 پر اي عزيزو! ھيءَ ڳالھہ ڪڏھن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي آڏو ھڪڙو ڏينھن ھزار سالن جي برابر آھي ۽ ھزار سال ھڪڙي ڏينھن جي برابر.
9 خداوند پنھنجي واعدي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آھي، جھڙي دير ڪي ماڻھو سمجھن ٿا. پر ھو اوھان جي باري ۾ صبر ڪري ٿو، انھيءَ ڪري جو ھو نہ ٿو چاھي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ ھو چاھي ٿو تہ سڀيئي توبھہ ڪن.
10 پر خداوند جو ڏينھن چور وانگر اوچتو ايندو. انھيءَ ڏينھن آسمان وڏي ڪڙڪي سان گم ٿي ويندا، آسماني شيون سخت باھہ جي ڪري ڳري وينديون ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آھي سو سڀ سڙي ويندو.
11 جڏھن تہ ھي سڀ شيون اھڙيءَ طرح ڳري وڃڻيون آھن، تڏھن اوھان کي ڪھڙي قسم جو ماڻھو ٿيڻ گھرجي؟ اوھان کي گھرجي تہ اوھين پاڪ ۽ ديندار زندگي گذاريو.