7 جيئن تہ وڳوڙ جي ڳجھي طاقت اڳي ئي اثر ڪندي ٿي رھي، پر ھاڻي ان کي ھڪ روڪڻ وارو آھي، جيڪو کيس تيستائين روڪيندو رھندو، جيستائين ھن کي رستي کان ھٽايو نہ ويندو.
8 تنھن کان پوءِ اھو وڳوڙي ظاھر ٿيندو، جنھن کي خداوند عيسيٰ پنھنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو ۽ پنھنجي اچڻ جي جلوي سان چٽ ڪري ڇڏيندو.
9 انھيءَ وڳوڙيءَ جو اچڻ شيطان جي عمل موجب ٿيندو، جنھن جي پوري طاقت سان ھو ڪوڙيون ڪرامتون ۽ عجيب مگر ڪوڙا ڪم ڪري ڏيکاريندو.
10 ھو برباد ٿيڻ وارن کي ھر قسم جي بڇڙائيءَ سان فريب ڏيندو. اھي ماڻھو انھيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جي محبت اختيار نہ ڪيائون، جنھن سان سندن ڇوٽڪارو ٿئي ھا.
11 اھو ئي سبب آھي جو خدا ھنن تي گمراھيءَ جو اثر وجھندو، تہ جيئن ھو ان ڪوڙ کي مڃين.
12 انھيءَ لاءِ تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رھن، تن سڀني کي ڏوھي ٺھرايو وڃي.
13 پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جا پيارؤ! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِجو خدا شروع کان ئي اوھان کي انھيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.