1 ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اميد، عيسيٰ مسيح جي حڪم سان عيسيٰ مسيح جو رسول آھي.
2 ھي تيمٿيس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان جي ڪري منھنجو سچو فرزند آھي.شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.
3 جيئن مون مڪدونيا وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو ھو، تيئن تون اِفسس شھر ۾ رھجانءِ، انھيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻھن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي تعليم نہ ڏين.
4 نڪي انھن ڪوڙين آکاڻين ۽ بيانتھا نسبنامن تي ڌيان ڏين. اھي رڳو تڪرار جو باعث ٿين ٿا، نہ خدا جي انھيءَ انتظام جو جيڪو ايمان تي منحصر آھي.
5 انھيءَ حڪم جو مقصد اھا محبت پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا صافدليءَ، نيڪنيتيءَ ۽ سچي ايمان کان پيدا ٿئي ٿي.
6 ڪي ماڻھو انھن ڳالھين کان ڀٽڪي پري ٿي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آھن.
7 اھي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاھين ٿا، پر کين اھا بہ خبر ڪانھي تہ ھو ڇا بابت ٿا ڳالھائين ۽ ڪھڙين ڳالھين جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن.