1.تيمٿيس 1:12-18 SCLNT

12 آءٌ، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي ۽ جنھن مون کي وفادار سمجھي پنھنجيءَ خدمت لاءِ مقرر ڪيو.

13 جيتوڻيڪ آءٌ اڳي ڪفر بڪندڙ، ستائيندڙ ۽ بي⁠عزت ڪندڙ ھوس، تنھن ھوندي بہ مون تي رحم ٿيو، ڇالاءِ⁠جو مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ ھئڻ سبب ۽ اڻ⁠ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.

14 انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ جيڪو عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، اسان جي خداوند جو فضل مون تي نھايت ئي گھڻو ٿيو.

15 اھا ڳالھہ سچي ۽ ھر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آھي تہ عيسيٰ مسيح گنھگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن مان بدترين آءٌ آھيان.

16 پر مون تي انھيءَ ڪري رحم ٿيو تہ جيئن عيسيٰ مسيح مون وڏي گنھگار ۾ پنھنجو بي⁠انتھا تحمل ظاھر ڪري ۽ آءٌ انھن لاءِ نمونو ٿيان، جيڪي پوءِ مٿس ايمان آڻي دائمي زندگي حاصل ڪندا.

17 ھاڻي دائمي بادشاھہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.

18 اي منھنجا فرزند تيمٿيس! آءٌ تو کي اھو حڪم سپرد ٿو ڪريان تہ انھن اڳڪٿين موجب جيڪي اڳي تو بابت ڪيون ويون ھيون، تون چڱي جنگ وڙھندو رھہ ۽ ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.