1.تيمٿيس 1:4-10 SCLNT

4 نڪي انھن ڪوڙين آکاڻين ۽ بي⁠انتھا نسب⁠نامن تي ڌيان ڏين. اھي رڳو تڪرار جو باعث ٿين ٿا، نہ خدا جي انھيءَ انتظام جو جيڪو ايمان تي منحصر آھي.

5 انھيءَ حڪم جو مقصد اھا محبت پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا صاف⁠دليءَ، نيڪ⁠نيتيءَ ۽ سچي ايمان کان پيدا ٿئي ٿي.

6 ڪي ماڻھو انھن ڳالھين کان ڀٽڪي پري ٿي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آھن.

7 اھي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاھين ٿا، پر کين اھا بہ خبر ڪانھي تہ ھو ڇا بابت ٿا ڳالھائين ۽ ڪھڙين ڳالھين جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن.

8 اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت چڱي آھي، بشرطيڪ ڪو ماڻھو انھيءَ کي صحيح نموني ۾ استعمال ڪري.

9 اسين ھي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻھن لاءِ نہ ٺھي آھي. پر اھا نافرمانن ۽ فسادين، بدڪارن ۽ گنھگارن، ناپاڪن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انھن لاءِ ٺھي آھي جيڪي پيءُ ۽ ماءُ جا قاتل آھن ۽ جيڪي خوني آھن.

10 اھا زناڪارن ۽ لونڊي⁠بازن لاءِ، انسانن جو اغوا ڪندڙن لاءِ، ڪوڙن لاءِ ۽ ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آھي. انھن کان سواءِ جيڪي صحيح تعليم جي برخلاف آھن، اھا تن لاءِ آھي.