7 اھي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاھين ٿا، پر کين اھا بہ خبر ڪانھي تہ ھو ڇا بابت ٿا ڳالھائين ۽ ڪھڙين ڳالھين جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن.
8 اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت چڱي آھي، بشرطيڪ ڪو ماڻھو انھيءَ کي صحيح نموني ۾ استعمال ڪري.
9 اسين ھي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻھن لاءِ نہ ٺھي آھي. پر اھا نافرمانن ۽ فسادين، بدڪارن ۽ گنھگارن، ناپاڪن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انھن لاءِ ٺھي آھي جيڪي پيءُ ۽ ماءُ جا قاتل آھن ۽ جيڪي خوني آھن.
10 اھا زناڪارن ۽ لونڊيبازن لاءِ، انسانن جو اغوا ڪندڙن لاءِ، ڪوڙن لاءِ ۽ ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آھي. انھن کان سواءِ جيڪي صحيح تعليم جي برخلاف آھن، اھا تن لاءِ آھي.
11 اھا تعليم، سڳوري خدا جي جلال جي خوشخبريءَ موجب آھي، جيڪا ھن منھنجي حوالي ڪئي.
12 آءٌ، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي ۽ جنھن مون کي وفادار سمجھي پنھنجيءَ خدمت لاءِ مقرر ڪيو.
13 جيتوڻيڪ آءٌ اڳي ڪفر بڪندڙ، ستائيندڙ ۽ بيعزت ڪندڙ ھوس، تنھن ھوندي بہ مون تي رحم ٿيو، ڇالاءِجو مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ ھئڻ سبب ۽ اڻڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.