1 اھا ڳالھہ سچي آھي تہ جيڪو ماڻھو نگھبان جو عھدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواھش ٿو ڪري.
2 تنھنڪري نگھبان کي گھرجي تہ مٿس ڪو الزام نہ ھجي. ھو ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجڻ سان گڏ پرھيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مھماننواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي.
3 ھو شرابي نہ ھجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم ھجي. جھيڙو ڪندڙ يا پيسي جو لالچي نہ ھجي.
4 ھو پنھنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنھنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو ھجي.
5 پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي گھر سنڀالڻ جي خبر ناھي تہ اھو خدا جي ڪليسيا جو ڪھڙو بندوبست رکي سگھندو؟
6 ھو تازو ايمان آڻيندڙ نہ ھجي، متان ڦونڊ ۾ اچي شيطان واري سزا ۾ پوي.