9 انھن کي گھرجي تہ ايمان جي راز کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن.
10 پھريائين انھن جو آزمودو ورتو وڃي، پوءِ جيڪڏھن سندن خلاف ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ ڀلي خادم طور ڪم ڪن.
11 ساڳئي نموني خدمتگار عورتن کي بہ سنجيدہ رھڻ گھرجي. اھي گلا ڪندڙ نہ، بلڪ پرھيزگار ۽ ھر ڳالھہ ۾ ڀروسي جھڙيون ھجن.
12 خادمن کي رڳو ھڪ ھڪ زال جو مڙس ھئڻ کپي ۽ کين پنھنجن ٻارن ۽ پنھنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪرڻ گھرجي.
13 ڇالاءِجو جيڪي خادم چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آھي تنھن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.
14 جيئن ھي ھدايتون تو ڏانھن لکي رھيو آھيان، تيئن اميد اٿم تہ جلد تو سان اچي ملندس.
15 پر جيڪڏھن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ھنن ھدايتن مان تو کي معلوم ٿي وڃي تہ خدا جي گھراڻي يعني جيئري خدا جي ڪليسيا، جيڪا سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آھي، تنھن ۾ ماڻھن کي ڪھڙيءَ طرح ھلت ڪرڻ کپي.