10 اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھماننوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين.
11 پر جوان رننزالن کي انھيءَ ياداشت ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇالاءِجو جڏھن اھي مسيح کان ڦري پنھنجي نفساني خواھشن جي تابع ٿين ٿيون تڏھن شادي ڪرڻ گھرن ٿيون.
12 اھڙيءَ طرح اھي پنھنجو پھريون واعدو ڀڃي پاڻ کي سزا جي لائق ٿيون بڻائين.
13 تنھن کان سواءِ اھي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ سکن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪرڻ، ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ اھڙيون ڳالھيون ڪرڻ بہ سکن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.
14 تنھنڪري آءٌ جوان رننزالن کي صلاح ٿو ڏيان تہ ڀلي شادي ڪن، ٻار ڄڻين، پنھنجا گھر سنڀالين ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.
15 ڇالاءِجو ھن کان اڳ ئي ڪي رنونزالون گمراھہ ٿي ڪري شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آھن.
16 جيڪڏھن ڪنھن ايمان واري عورت جي گھراڻي ۾ رنونزالون ھجن، تہ اھا ئي سندن پرگھور لھي ۽ ڪليسيا تي انھن جو بار پوڻ نہ کپي، انھيءَ لاءِ تہ ڪليسيا انھن رننزالن جي مدد ڪري سگھي جيڪي نڌڻڪيون آھن.