7 انھن ڳالھين لاءِ کين ھدايت بہ ڪر تہ جيئن مٿن ڪوبہ الزام نہ ھڻي.
8 جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجن مائٽن ۽ خاص ڪري پنھنجي گھر ٻار جو بندوبست نہ ٿو ڪري، تہ اھو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انھيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آھي جنھن جو ڪو ايمان ڪونھي.
9 رننزالن جي ياداشت ۾ انھيءَ رنزال جو نالو لکيو وڃي، جنھن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ ھجي ۽ جيڪا رڳو ھڪڙي مڙس جي زال ٿي رھي ھجي.
10 اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھماننوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين.
11 پر جوان رننزالن کي انھيءَ ياداشت ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇالاءِجو جڏھن اھي مسيح کان ڦري پنھنجي نفساني خواھشن جي تابع ٿين ٿيون تڏھن شادي ڪرڻ گھرن ٿيون.
12 اھڙيءَ طرح اھي پنھنجو پھريون واعدو ڀڃي پاڻ کي سزا جي لائق ٿيون بڻائين.
13 تنھن کان سواءِ اھي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ سکن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪرڻ، ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ اھڙيون ڳالھيون ڪرڻ بہ سکن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.