17 جيڪي ھن موجودہ دنيا ۾ دولتمند آھن، تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين ۽ بيبقا دولت تي نہ، بلڪ انھيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.
18 انھن کي حڪم ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رھن.
19 انھيءَ طرح اھي ايندڙ وقت لاءِ پنھنجي واسطي اھڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري ھوندي، انھيءَ لاءِ تہ اھي اھڙي زندگي ھٿ ڪري سگھن جيڪا حقيقي آھي.
20 اي تيمٿيس! جيڪي ڪجھہ سنڀال لاءِ تو کي سونپيو ويو، تنھن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انھيءَ علم جي اختلافن کان پاسو ڪر، جنھن کي علم چوڻ ئي غلط آھي.
21 ڪي ماڻھو انھيءَ علم کي قبول ڪري ايمان کان گمراھہ ٿي ويا آھن.اوھان سڀني تي فضل ھجي.