1.تيمٿيس 6:7-13 SCLNT

7 ڇالاءِ⁠جو اسان دنيا ۾ نہ ڪجھہ آندو آھي ۽ نہ ئي ڪجھہ منجھانئس کڻي وڃي ٿا سگھون.

8 سو جيڪڏھن اسان وٽ خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود آھي تہ انھيءَ تي ئي راضي رھون.

9 پر جيڪي ماڻھو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۽ ڦندي ۾ ۽ گھڻين بي⁠وقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواھشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن. اھي خواھشون ماڻھن کي تباھيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ڪريو ڇڏين.

10 ڇالاءِ⁠جو پيسي سان پيار رکڻ، ھر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آھي. ڪي ماڻھو پيسي جا طلبگار ٿي ايمان کان گمراھہ ٿي ويا ۽ طرح طرح جي ڏکن ۾ پاڻ کي وڪوڙي ڇڏيائون.

11 پر اي خدا جا بندا! تون انھن ڳالھين کان پري ڀڄ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حليمائيءَ جو طلبگار ٿيءُ.

12 ايمان جي لڙائي چڱيءَ طرح وڙھہ. دائمي زندگيءَ کي ھٿ ڪر، جنھن جي لاءِ تون سڏيو ويو ھئين، جڏھن تو گھڻن شاھدن جي روبرو ايمان جو چڱو اقرار ڪيو ھو.

13 آءٌ انھيءَ خدا کي، جيڪو ھر شيءِ کي زندگي ٿو بخشي ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي جنھن پنطيس⁠پلاطس جي اڳيان سچائيءَ جو اقرار ڪري شاھدي ڏني ھئي، حاضر ناظر ڄاڻي تو کي تاڪيد ٿو ڪريان،