1 تنھنڪري جڏھن اسين اوھان کان جدا رھڻ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھياسين، تڏھن اسان بھتر سمجھيو تہ اٿينس شھر ۾ اڪيلا ئي رھجي وڃون.
2 سو تيمٿيس، جيڪو اسان جي ڀاءُ ۽ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھي، تنھن کي اوھان ڏانھن موڪليوسين، انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ ان جي باري ۾ اوھان کي ھمتائي.
3 اسين نہ ٿا چاھيون تہ انھن مصيبتن جي ڪري ڪنھن جي دل ھارجي، ڇالاءِجو اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين انھن لاءِ ئي مقرر ٿيا آھيون.
4 حقيقت ۾ جڏھن اسين اوھان وٽ ھئاسين تڏھن اوھان کي اڳي ئي چيو ھوسين تہ اسان کي مصيبت سھڻي پوندي. اوھين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو.