1 مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچپچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.
2 ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوھان کي خداوند عيسيٰ جي طرفان ڪھڙا ڪھڙا حڪم ڏنا.
3 سو خدا جي مرضي اھا آھي تہ اوھين پاڪ رھو ۽ زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو.
4 اوھان مان ھر ڪو ماڻھو پنھنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي،