1.ٿسلونيڪين 4:9-15 SCLNT

9 ھاڻي ڀائرن واري محبت بابت اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ھڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ جي تعليم اوھان پاڻ خدا کان حاصل ڪئي آھي.

10 سچ⁠پچ تہ اوھين پوري مڪدونيا جي سڀني ايمان وارن سان محبت ڪريو بہ ٿا. تڏھن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.

11 جھڙيءَ طرح اسان اوھان کي ٻڌايو آھي، تھڙيءَ طرح ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، پنھنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪريو.

12 انھيءَ طرح اوھان کي پنھنجي روزاني ھلت جي ڪري ڪليسيا کان ٻاھر وارن کان عزت حاصل ٿيندي ۽ اوھين ڪنھن جا بہ محتاج نہ ٿيندا.

13 ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين نہ ٿا چاھيون تہ جيڪي مري ويا آھن تن بابت اوھين بي⁠خبر رھو، يا انھن وانگر غمگين ٿيو جن کي اميد ئي ڪانھي.

14 ڇالاءِ⁠جو جيئن اسين ھي مڃون ٿا تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جي اٿيو، تيئن اسين ھي بہ مڃون ٿا تہ جيڪي عيسيٰ جي ايمان ۾ مري ويا آھن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ پاڻ وٽ گھرائيندو.

15 انھيءَ ڪري اسين اوھان کي خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون تہ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا آھيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آھيون سي انھن کان، جيڪي مري ويا آھن، ڪنھن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين.