14 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.
15 خبردار، ڪوبہ ڪنھن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ ھڪ ٻئي سان ۽ سڀني ماڻھن سان ھميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
16 ھر وقت خوش رھو.
17 سدائين دعا گھرندا رھو.
18 ھر حالت ۾ شڪرگذاري ڪريو، ڇالاءِجو عيسيٰ مسيح جا ھئڻ ڪري اوھان بابت خدا جي اھا ئي مرضي آھي.
19 پاڪ روح، جيڪو باھہ مثل آھي تنھن کي نہ وسايو.
20 جيڪڏھن ڪو نبين وانگر خدا جو پيغام ٻڌائي ٿو تہ ان پيغام کي اجايو نہ سمجھو.