22 ھر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.
23 شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بيعيب رکي.
24 جنھن اوھان کي سڏيو آھي، سو سچو آھي ۽ ھو ائين ئي ڪندو.
25 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو.
26 سڀني ايمان وارن کي پيار سان ملي سلام ڏجو،
27 ۽ آءٌ خداوند کي حاضرناظر ڄاڻي اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ھي خط کين پڙھي ٻڌائجو.
28 شل اوھان تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ھجي.