5 بلڪ اوھان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينھن سان گھاٽو تعلق آھي. اسان جو رات يا اونداھيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونھي.
6 تنھنڪري اسين ٻين وانگر سمھي نہ رھون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ ھوشيار رھون.
7 ڇالاءِجو جيڪي سمھي رھن ٿا سي رات جو ئي ٿا سمھن ۽ جيڪي نشي ۾ چور ٿا ٿين سي رات جو ئي نشو ٿا ڪن.
8 پر اسين ڏينھن وارا آھيون، تنھنڪري اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرہ ڍڪي ۽ ڇوٽڪاري جي اميد جو لوھو ٽوپ پائي ھوشيار رھون.
9 ڇالاءِجو خدا اسان کي غضب سھڻ لاءِ نہ، بلڪ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.
10 ھو اسان جي خاطر مئو، انھيءَ لاءِ تہ اسين جيئرا ھجون يا مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.
11 تنھنڪري ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا ۽ ھڪ ٻئي جي ترقيءَ جو باعث ٿيندا رھو، جيئن سچپچ اوھين ڪريو بہ پيا.