13 جيڪي صحيح ڳالھيون تو مون کان ٻڌيون، تن جو نمونو انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪو مسيح جو ھئڻ ڪري تو کي آھي.
14 جيڪي چڱيون ڳالھيون تو کي سونپيون ويون آھن تن جي حفاظت ڪر. ھا، انھن جي حفاظت پاڪ روح جي مدد سان ڪر، جيڪو اسان ۾ رھي ٿو.
15 تو کي خبر آھي تہ ايشيا پرڳڻي جا سڀ ماڻھو، فوگلس ۽ ھرموگنيس سميت مون کان ڦري ويا آھن.
16 خدا شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇالاءِجو ھن ڪيترائي ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو ۽ منھنجي قيدي ھئڻ جي ڪري ڪو عار نہ ڪيائين.
17 اٽلندو جڏھن ھو روم شھر ۾ آيو تہ منھنجي ڏاڍي ڳولا ڪيائين، تان جو مون کي اچي لڌائين.
18 شل خداوند ھن کي انھيءَ ڏينھن تي پنھنجو رحم عطا ڪري. تو کي چڱيءَ طرح خبر آھي تہ ھن اِفسس شھر ۾ منھنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي.