11 اھا ڳالھہ سچي آھي تہ”جيڪڏھن اسين ھن سان گڏ مئاسين،تہ پوءِ ھن سان گڏ جيئنداسين بہ.
12 جيڪڏھن اسين ڏک سھندا رھون،تہ ھن سان گڏ بادشاھي بہ ڪنداسين.جيڪڏھن اسين ھن کي پنھنجو نہ سمجھنداسين،تہ ھو بہ اسان کي پنھنجو نہ سمجھندو.
13 جيڪڏھن اسين بيوفا ٿا ٿيون،تڏھن بہ ھو وفا ڪندو رھندو،ڇالاءِجو ھو پنھنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“
14 اھي ڳالھيون ماڻھن کي ياد ڏيار. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي انھن کي تاڪيد ڪر تہ اھي لفظن بابت تڪرار نہ ڪن. ڇالاءِجو انھيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناھي، سواءِ انھيءَ جي جو ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.
15 ڪوشش ڪر تہ تون خدا وٽ وڻيل ۽ اھڙو پورھيت ثابت ٿئين جنھن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو ڪلام صحيح نموني ۾ استعمال ٿو ڪري.
16 اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇالاءِجو جيڪي ماڻھو انھيءَ ۾ ڪاھي ٿا پون، سي بدڪاريءَ ۾ اڃا بہ وڌندا ويندا.
17 انھن جي تعليم ناسور وانگر پکڙبي رھندي. ھمنيوس ۽ فليتس انھن ماڻھن مان آھن.