2.تيمٿيس 2:12-18 SCLNT

12 جيڪڏھن اسين ڏک سھندا رھون،تہ ھن سان گڏ بادشاھي بہ ڪنداسين.جيڪڏھن اسين ھن کي پنھنجو نہ سمجھنداسين،تہ ھو بہ اسان کي پنھنجو نہ سمجھندو.

13 جيڪڏھن اسين بي⁠وفا ٿا ٿيون،تڏھن بہ ھو وفا ڪندو رھندو،ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“

14 اھي ڳالھيون ماڻھن کي ياد ڏيار. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي انھن کي تاڪيد ڪر تہ اھي لفظن بابت تڪرار نہ ڪن. ڇالاءِ⁠جو انھيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناھي، سواءِ انھيءَ جي جو ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.

15 ڪوشش ڪر تہ تون خدا وٽ وڻيل ۽ اھڙو پورھيت ثابت ٿئين جنھن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو ڪلام صحيح نموني ۾ استعمال ٿو ڪري.

16 اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ماڻھو انھيءَ ۾ ڪاھي ٿا پون، سي بدڪاريءَ ۾ اڃا بہ وڌندا ويندا.

17 انھن جي تعليم ناسور وانگر پکڙبي رھندي. ھمنيوس ۽ فليتس انھن ماڻھن مان آھن.

18 اھي سچ کان گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ چون ٿا تہ قيامت اڳي ئي ٿي چڪي آھي. اھڙيءَ طرح اھي ڪن ماڻھن جو ايمان بگاڙين ٿا.