2.تيمٿيس 2:13-19 SCLNT

13 جيڪڏھن اسين بي⁠وفا ٿا ٿيون،تڏھن بہ ھو وفا ڪندو رھندو،ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“

14 اھي ڳالھيون ماڻھن کي ياد ڏيار. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي انھن کي تاڪيد ڪر تہ اھي لفظن بابت تڪرار نہ ڪن. ڇالاءِ⁠جو انھيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناھي، سواءِ انھيءَ جي جو ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.

15 ڪوشش ڪر تہ تون خدا وٽ وڻيل ۽ اھڙو پورھيت ثابت ٿئين جنھن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو ڪلام صحيح نموني ۾ استعمال ٿو ڪري.

16 اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ماڻھو انھيءَ ۾ ڪاھي ٿا پون، سي بدڪاريءَ ۾ اڃا بہ وڌندا ويندا.

17 انھن جي تعليم ناسور وانگر پکڙبي رھندي. ھمنيوس ۽ فليتس انھن ماڻھن مان آھن.

18 اھي سچ کان گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ چون ٿا تہ قيامت اڳي ئي ٿي چڪي آھي. اھڙيءَ طرح اھي ڪن ماڻھن جو ايمان بگاڙين ٿا.

19 تنھن ھوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رھي ٿو. انھيءَ تي ھنن لفظن جي مُھر لڳل آھي تہ”خداوند پنھنجن کي سڃاڻي ٿو.“۽”جيڪو خداوند جي نالي جو اقرار ڪري ٿو،تنھن کي بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.“