2.تيمٿيس 2:16-22 SCLNT

16 اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ماڻھو انھيءَ ۾ ڪاھي ٿا پون، سي بدڪاريءَ ۾ اڃا بہ وڌندا ويندا.

17 انھن جي تعليم ناسور وانگر پکڙبي رھندي. ھمنيوس ۽ فليتس انھن ماڻھن مان آھن.

18 اھي سچ کان گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ چون ٿا تہ قيامت اڳي ئي ٿي چڪي آھي. اھڙيءَ طرح اھي ڪن ماڻھن جو ايمان بگاڙين ٿا.

19 تنھن ھوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رھي ٿو. انھيءَ تي ھنن لفظن جي مُھر لڳل آھي تہ”خداوند پنھنجن کي سڃاڻي ٿو.“۽”جيڪو خداوند جي نالي جو اقرار ڪري ٿو،تنھن کي بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.“

20 ڪنھن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ھوندا آھن، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ. انھن مان ڪي اعليٰ ڪمن لاءِ آھن ۽ ڪي ذليل ڪمن لاءِ.

21 تنھنڪري جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ذليل ڪمن کان صاف سٿرو ٿو رکي تہ اھو عزت وارو ۽ خاص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنھنجي مالڪ لاءِ مفيد ۽ ھر چڱي ڪم لاءِ تيار ھوندو.

22 جوانيءَ جي برين خواھشن کان پري ڀڄ. انھيءَ کان سواءِ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏجي سچائي، ايمان، محبت ۽ صلح جو طلبگار ٿيءُ.