2 جيڪي ڳالھيون تو گھڻن شاھدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آھن، سي اھڙن ڀروسي وارن ماڻھن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق ھجن.
3 عيسيٰ مسيح جي سٺي سپاھيءَ جي حيثيت ۾ اسان سان گڏ سختي سھُہ.
4 ڪوبہ سپاھگيري ڪندڙ پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انھيءَ لاءِ تہ جنھن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آھي تنھن کي خوش ڪري.
5 ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪو ماڻھو پھلوانيءَ جو مقابلو ٿو ڪري تہ اھو بہ جيسين قاعدي موجب نہ ٿو وڙھي تيسين فتحيابيءَ جو انعام حاصل نہ ٿو ڪري.
6 ھاري، جيڪو سخت محنت ٿو ڪري، تنھن کي سڀ کان پھريائين فصل جو حصو ملڻ گھرجي.
7 جيڪي آءٌ چوان ٿو تنھن تي غور ڪر، ڇالاءِجو خداوند تو کي انھن سڀني ڳالھين جي سمجھہ ڏيندو.
8 عيسيٰ مسيح کي ياد رک، جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ مئلن مان جي اٿيو. اھا ئي منھنجي خوشخبري آھي.