5 ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪو ماڻھو پھلوانيءَ جو مقابلو ٿو ڪري تہ اھو بہ جيسين قاعدي موجب نہ ٿو وڙھي تيسين فتحيابيءَ جو انعام حاصل نہ ٿو ڪري.
6 ھاري، جيڪو سخت محنت ٿو ڪري، تنھن کي سڀ کان پھريائين فصل جو حصو ملڻ گھرجي.
7 جيڪي آءٌ چوان ٿو تنھن تي غور ڪر، ڇالاءِجو خداوند تو کي انھن سڀني ڳالھين جي سمجھہ ڏيندو.
8 عيسيٰ مسيح کي ياد رک، جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ مئلن مان جي اٿيو. اھا ئي منھنجي خوشخبري آھي.
9 انھيءَ جي ڪري ئي آءٌ ڏک ٿو سھان، ايتري قدر جو ڪنھن ڏوھاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آھيان. پر خدا جو ڪلام قيد نہ آھي.
10 تنھنڪري آءٌ چونڊيل ماڻھن جي خاطر سڀ ڪجھہ سھان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح جي وسيلي ٿو ملي، تنھن کي اھي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن.
11 اھا ڳالھہ سچي آھي تہ”جيڪڏھن اسين ھن سان گڏ مئاسين،تہ پوءِ ھن سان گڏ جيئنداسين بہ.