1 پر ھي ڄاڻي ڇڏ تہ آخري زماني ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ايندا.
2 ڇالاءِجو ماڻھو خودغرض، پيسي جا يار، ٻٽاڪي، مغرور، بدزبان، ماءُپيءُ جا نافرمان، بيشڪرا ۽ ناپاڪ ٿي پوندا.
3 اھي محبت کان خالي، بيرحم، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن ھوندا.
4 اھي دغاباز، اُٻھرا، وڏائيخور ۽ خدا جي بدران عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا ھوندا.
5 اھي دينداريءَ جو ظاھري نمونو تہ رکندا، پر انھيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اھڙن ماڻھن کان پاسو ڪجانءِ.