2.تيمٿيس 3:6-12 SCLNT

6 اھڙي ئي قسم جي ماڻھن مان ڪي گھرن ۾ لڪ چوريءَ گھڙي سادين عورتن کي پنھنجي چنبي ۾ آڻين ٿا. اھي عورتون گناھن جي ھيٺان دٻجي طرح طرح جي برين خواھشن ۾ ڦاسيو وڃن.

7 اھي ھميشہ سکنديون تہ رھن ٿيون، پر ڪڏھن بہ سچ جي سڃاڻپ تائين پھچي نہ ٿيون سگھن.

8 جھڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي مخالفت ڪئي ھئي، تھڙيءَ طرح ھي ماڻھو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. ھي اھڙا ماڻھو آھن جن جو عقل بگڙيل آھي ۽ جيڪي ڪوڙي ايمان رکڻ جي ڪري رد ٿيل آھن.

9 اھي اڳتي وڌي ڪين سگھندا، ڇالاءِ⁠جو سندن بي⁠عقلي سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿيندي، جھڙيءَ طرح انھن ٻنھي جي بہ ٿي ھئي.

10 پر تو منھنجي تعليم، ھلت چلت، ارادي، ايمان، تحمل، محبت ۽ صبر جي پيروي ڪئي آھي.

11 تون ڄاڻين ٿو تہ ڪيئن مون کي ستايو ويو ۽ ڪھڙيءَ طرح مون ڏک ڏٺا، يعني اھي آزار جيڪي مون انتاخيا، اِڪونيم ۽ لسترا ۾ برداشت ڪيا. پر خدا مون کي انھن سڀني مان ڇڏايو.

12 سچ⁠پچ تہ جيڪي⁠بہ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي دينداريءَ سان زندگي گذارڻ چاھين ٿا، سي ستايا ويندا.