8 جھڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي مخالفت ڪئي ھئي، تھڙيءَ طرح ھي ماڻھو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. ھي اھڙا ماڻھو آھن جن جو عقل بگڙيل آھي ۽ جيڪي ڪوڙي ايمان رکڻ جي ڪري رد ٿيل آھن.
9 اھي اڳتي وڌي ڪين سگھندا، ڇالاءِجو سندن بيعقلي سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿيندي، جھڙيءَ طرح انھن ٻنھي جي بہ ٿي ھئي.
10 پر تو منھنجي تعليم، ھلت چلت، ارادي، ايمان، تحمل، محبت ۽ صبر جي پيروي ڪئي آھي.
11 تون ڄاڻين ٿو تہ ڪيئن مون کي ستايو ويو ۽ ڪھڙيءَ طرح مون ڏک ڏٺا، يعني اھي آزار جيڪي مون انتاخيا، اِڪونيم ۽ لسترا ۾ برداشت ڪيا. پر خدا مون کي انھن سڀني مان ڇڏايو.
12 سچپچ تہ جيڪيبہ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي دينداريءَ سان زندگي گذارڻ چاھين ٿا، سي ستايا ويندا.
13 پر بدڪار ۽ ٺڳ ماڻھو ٻين کي ٺڳيندي ۽ پاڻ بہ ٺڳجندي وڌيڪ خراب ٿيندا ويندا.
14 پر تون انھن ڳالھين تي قائم رھہ، جيڪي سکيون اٿيئي ۽ جن جو تو کي پورو يقين آھي، ڇالاءِجو تون انھن کي ڄاڻين ٿو جن کان تو اھي سکيون آھن.