1 ھن بزرگ جي طرفان تو خدا جي چونڊيل شريف عورت ۽ تنھنجي ٻارن ڏانھن سلام، جن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان. نہ رڳو آءٌ پر اُھي سڀيئي جيڪي سچ کي سڃاڻن ٿا، سي بہ اوھان سان پيار ڪن ٿا،
2 ڇاڪاڻتہ سچ اسان ۾ رھي ٿو ۽ ھميشہ اسان سان گڏ رھندو.
3 شل اسان تي سچائيءَ ۽ پيار سان گڏ خدا پيءُ ۽ پيءُ جي فرزند عيسيٰ مسيح طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.
4 آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏھن مون ڏٺو تہ تنھنجا ڪي ٻار ائين سچ تي ھلي رھيا آھن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آھي.