2 شل خدا ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ جي سڃاڻپ جي وسيلي اوھان تي فضل ۽ سلامتي گھڻي کان گھڻي ٿيندي رھي.
3 خدا پنھنجي الاھي قدرت سان اھي سڀ شيون پنھنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي ڏنيون آھن، جن جو تعلق زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان آھي. ھن اسان کي انھيءَ لاءِ سڏيو آھي تہ جيئن اسين کانئس عظمت ۽ نيڪي ماڻيون.
4 اھڙيءَ طرح ھن اسان سان نھايت وڏا ۽ قيمتي واعدا ڪيا آھن، تہ جيئن انھن جي وسيلي اوھين دنيا جي خرابيءَ کان بچي وڃو، جيڪا برين خواھشن جي ڪري آھي ۽ الاھي ذات ۾ شريڪ ٿي وڃو.
5 سو انھيءَ ڪري اوھين تمام گھڻي ڪوشش ڪري پنھنجي ايمان سان گڏ نيڪيءَ ۾ واڌارو آڻيو ۽ نيڪيءَ سان علم ۾،
6 پنھنجي علم سان پرھيزگاري، پرھيزگاريءَ سان صبر ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو.
7 اوھين دينداريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان محبت وڌايو.
8 ڇالاءِجو جيڪڏھن اھي خوبيون اوھان ۾ موجود ھونديون ۽ وڌنديون رھنديون، تہ اھي اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بيڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.