2.پطرس 2:11-17 SCLNT

11 جيتوڻيڪ ملائڪ انھن ڪوڙن استادن کان طاقت ۽ قدرت ۾ وڌيڪ آھن، سي بہ خداوند جي آڏو انھن تي گلا جھڙي تھمت نہ ٿا ھڻن.

12 پر اھي ماڻھو بي⁠عقل جانورن وانگر آھن، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آھن ۽ جن ڳالھين کان ناواقف آھن تن جي باري ۾ ڪفر ٿا بڪن. اھي جانورن وانگر ناس ٿي ويندا.

13 جيڪا برائي ھنن ڪئي آھي، تنھن جو بدلو کين برائيءَ سان ڏنو ويندو. اھي ڏينھن ڏٺي جو عيش عشرت ڪندي خوش ٿا ٿين. اھي ماڻھو اوھان ۾ داغ ۽ عيب آھن، جيڪي اوھان سان گڏ کائيندي پيئندي پنھنجي دغابازين سان وڃي موجون پيا ماڻين.

14 انھن جي اکين مان زناڪاري پيئي ظاھر ٿئي ۽ گناھہ ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ماڻھو ثابت⁠قدم نہ آھن، تن کي ھو ڦاسايو ٿا وٺن. اھي لالچ جا ماھر ۽ لعنتي ٻار آھن.

15 اھي سنئون رستو ڇڏي گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنھن کي بڇڙائيءَ جي مزوري پسند ھوندي ھئي.

16 پر ھن پنھنجي قصور جي ڪري پاڻ تي اھا لعنت کنئي جو ھڪ گگدام گڏھہ، انسان وانگر ڳالھائي بلعام کي چريائيءَ کان روڪي ڇڏيو.

17 اھي ماڻھو اھڙا چشما آھن، جن جو پاڻي سڪي ويو آھي ۽ اھي اھڙو ڪوھيڙو آھن، جنھن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آھي. انھن جي لاءِ گھُگھُہ اونداھي رکي ويئي آھي.