13 جيڪا برائي ھنن ڪئي آھي، تنھن جو بدلو کين برائيءَ سان ڏنو ويندو. اھي ڏينھن ڏٺي جو عيش عشرت ڪندي خوش ٿا ٿين. اھي ماڻھو اوھان ۾ داغ ۽ عيب آھن، جيڪي اوھان سان گڏ کائيندي پيئندي پنھنجي دغابازين سان وڃي موجون پيا ماڻين.
14 انھن جي اکين مان زناڪاري پيئي ظاھر ٿئي ۽ گناھہ ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ماڻھو ثابتقدم نہ آھن، تن کي ھو ڦاسايو ٿا وٺن. اھي لالچ جا ماھر ۽ لعنتي ٻار آھن.
15 اھي سنئون رستو ڇڏي گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنھن کي بڇڙائيءَ جي مزوري پسند ھوندي ھئي.
16 پر ھن پنھنجي قصور جي ڪري پاڻ تي اھا لعنت کنئي جو ھڪ گگدام گڏھہ، انسان وانگر ڳالھائي بلعام کي چريائيءَ کان روڪي ڇڏيو.
17 اھي ماڻھو اھڙا چشما آھن، جن جو پاڻي سڪي ويو آھي ۽ اھي اھڙو ڪوھيڙو آھن، جنھن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آھي. انھن جي لاءِ گھُگھُہ اونداھي رکي ويئي آھي.
18 ڇالاءِجو اھي مغروريءَ جون نھايت بيھوديون ڳالھيون ڪري، شھوتپرستيءَ جي وسيلي انھن ماڻھن کي جسماني خواھشن ۾ ڦاسائين ٿا، جيڪي گمراھہ ٿيل ماڻھن کان ھاڻي آزاد ٿيا آھن.
19 ھو انھن کي آزاديءَ جو واعدو تہ ڏين ٿا، پر پاڻ بڇڙائيءَ جا غلام بڻيا وتن. ڇالاءِجو جيڪا شيءِ انسان تي غالب اچي ٿي تہ انسان انھيءَ جو غلام ٿي وڃي ٿو.