4 ڇالاءِجو خدا گناھہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ کين دوزخ ۾ وڌائين ۽ اونداھين غارن ۾ بند ڪيائين، انھيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينھن تائين قيد ۾ رھن.
5 خدا پراڻي زماني جي ماڻھن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ انھيءَ بدڪار دنيا تي طوفان آندائين ۽ رڳو سچائيءَ جي تبليغ ڪندڙ نوح ۽ ٻين ستن ڄڻن کي بچايائين.
6 خدا سدوم ۽ عموراہ جي شھرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، انھيءَ لاءِ تہ اھي ايندڙ زماني جي بدڪارن لاءِ عبرت جو مثال ٿين.
7 خدا لوط کي بچائي ورتو، جيڪو سچار شخص ھو ۽ بدڪارن جي گندي ھلت چلت کان تنگ ٿيو ھو.
8 ڇالاءِجو اھو سچار ماڻھو انھن ۾ رھي ھر روز انھن جا غير شرعي ڪم ڏسي ۽ ٻڌي پنھنجي سچيءَ دل ۾ پيو پريشان ٿيندو ھو.
9 سو خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينھن تائين ڪھڙيءَ طرح سزا ھيٺ رکي،
10 خاص ڪري انھن کي جيڪي جسم جي ناپاڪ خواھشن جي پيروي ٿا ڪن ۽ خدا جي اختياريءَ کي ڪين جھڙو ٿا ڄاڻن.اُھي اھڙا تہ گستاخ ۽ ھٺيلا آھن جو عظيم آسماني ھستين جي گلا ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.