2.پطرس 2:8-14 SCLNT

8 ڇالاءِ⁠جو اھو سچار ماڻھو انھن ۾ رھي ھر روز انھن جا غير شرعي ڪم ڏسي ۽ ٻڌي پنھنجي سچيءَ دل ۾ پيو پريشان ٿيندو ھو.

9 سو خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينھن تائين ڪھڙيءَ طرح سزا ھيٺ رکي،

10 خاص ڪري انھن کي جيڪي جسم جي ناپاڪ خواھشن جي پيروي ٿا ڪن ۽ خدا جي اختياريءَ کي ڪين جھڙو ٿا ڄاڻن.اُھي اھڙا تہ گستاخ ۽ ھٺيلا آھن جو عظيم آسماني ھستين جي گلا ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.

11 جيتوڻيڪ ملائڪ انھن ڪوڙن استادن کان طاقت ۽ قدرت ۾ وڌيڪ آھن، سي بہ خداوند جي آڏو انھن تي گلا جھڙي تھمت نہ ٿا ھڻن.

12 پر اھي ماڻھو بي⁠عقل جانورن وانگر آھن، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آھن ۽ جن ڳالھين کان ناواقف آھن تن جي باري ۾ ڪفر ٿا بڪن. اھي جانورن وانگر ناس ٿي ويندا.

13 جيڪا برائي ھنن ڪئي آھي، تنھن جو بدلو کين برائيءَ سان ڏنو ويندو. اھي ڏينھن ڏٺي جو عيش عشرت ڪندي خوش ٿا ٿين. اھي ماڻھو اوھان ۾ داغ ۽ عيب آھن، جيڪي اوھان سان گڏ کائيندي پيئندي پنھنجي دغابازين سان وڃي موجون پيا ماڻين.

14 انھن جي اکين مان زناڪاري پيئي ظاھر ٿئي ۽ گناھہ ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ماڻھو ثابت⁠قدم نہ آھن، تن کي ھو ڦاسايو ٿا وٺن. اھي لالچ جا ماھر ۽ لعنتي ٻار آھن.