14 تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھين انھن ڳالھين جو انتظار پيا ڪريو، تڏھن ڪوشش ڪريو تہ خدا اوھان کي صلح جي حالت ۾ بيداغ ۽ بيعيب ڏسي.
15 اسان جي خداوند جي صبر کي ڇوٽڪارو ڪري سمجھو، جھڙيءَ طرح اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ انھيءَ ڏاھپ سان اوھان ڏانھن لکيو آھي، جيڪا کيس عطا ٿيل آھي.
16 ھن پنھنجي سڀني خطن ۾ انھن ڳالھين بابت اھڙي ئي نموني ذڪر ڪيو آھي. ھن جي خطن ۾ ڪي ڳالھيون اھڙيون بہ آھن جن جو سمجھڻ مشڪل آھي ۽ جاھل ۽ جيڪي ثابتقدم نہ ٿا رھن، سي انھن جي معنيٰ کي بہ ٻين پاڪ ڪتابن وانگر ڦيرائي ابتي پيا ڪن. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجي لاءِ تباھي ٿا پيدا ڪن.
17 تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھان کي انھن ڳالھين جي اڳي ئي خبر آھي، تڏھن خبردار رھو، ائين نہ ٿئي جو اوھين بدڪار ماڻھن جي گمراھيءَ ڏانھن ڇڪجي پنھنجي ثابتقدميءَ کي ڇڏي ڏيو.
18 پر اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ جي وسيلي وڌندا رھو. شل انھيءَ جي واکاڻ ھاڻي بہ ٿئي ۽ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.